چانڊيو نظام الدين

چانڊيو، نظام الدين: ناميارو شاعر نظام الدين ولد عبدالله ’اثر‘، پهرين آگسٽ 1948ع تي ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. تعليم جي لحاظ کان ايم. اي، ايم. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي آهي. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪلارڪ مقرر ٿيو. ان کانپوءِ تعليم کاتي ۾ استاد ٿيو. هيءُ علم عروض ۽ مادهِ تاريخ ڪڍڻ ۾ ماهر هو. سنڌيءَ سميت سرائيڪي، اردو ۽ فارسي ٻوليون چڱيءَ ريت ڄاڻندو هو. شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيـائيـن. شـاعـريءَ ۾ ’مفتي‘ ۽ ’ناظم‘ تخلص ڪتب آندائين. ’بزم اثر‘ جو سرپرست ۽ جنرل سيڪريٽري ۽ بزم سچل لاڙڪاڻي جو نائب صدر رهيو. سندس ڪلام مختلف سنڌي رسالن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. سندس ٻه ڪتاب: (1) ’اگر مگر’ ۽ (2) ‘تاجدار ڪربلا‘ ڇپيل آهن.
هن 1996ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.08.01  عيسوي

ناميارو شاعر نظام الدين ولد عبدالله ’اثر‘، پهرين آگسٽ 1948ع تي ڳوٺ ٻيڙي چانڊيي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عثمان احساني
ٽيڪچند بهار
بخشڻ شاهه
الانا جي
سلطان علي شاهه
پرسوز بخاري
بهار ٻپڙ
سيماب اڪبر آبادي
سرڪش سنڌي
حاجي محمد عالم عباسي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون